رانول رمزن وارو

رانول رمزن وارو

رانول رمزن وارو

رانول رمزن وارو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب فقير قادر بخش ’بيدل‘ جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي لکيل مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ناليواري راڳي ۽ اديب بيدل مسرور بدويءَ مرتب ڪيو آهي. هي مقالا بيدل فقير جي هر سال ٿيندڙ عرس تي ليکڪن پاران پڙهيا ويا هئا. هن ڪتاب جا ’ٻه اکر‘ بيدل يادگار ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري اختر درگاهيءَ لکيا آهن. ڪتاب جو انتساب بيدل فقير جي والدين، اولاد، عزيزن، دوستن، همعصر بزرگن، طالبن، ڪلام ۽ سوانح جي محققن ۽ ناشرن کي ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ شامل مقالن ۾ بيدل فقير جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيل آهي. ڪتاب جي شروعاتي صفحن تي بيدل فقير جي درگاهه ۽ ليکڪ بيدل مسرور جون تصويرون ڏنل آهن. هي ڪتاب بيدل يادگار ڪميٽيءَ، آڪٽوبر 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت نه ڄاڻائي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو